لاهور)ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي، ۽ مهمان ٽيم پاڪستان جي 277 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 51 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪستان جي پوري ٽيم ٻئي اننگ ۾ 167 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پهرين اننگ جي ليڊ ۽ ٻئي اننگ جي اسڪور بعد پاڪستان مهمان ٽيم کي 277 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ لاھور ۾ جاري آھي، جتي پاڪستان پھريئن اننگز ۾ 378 رنسون ٺاهيون، جڏهنته مهمان ٽيم 269 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. هدف جي تعاقب ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ٽئين ڏينهن ٻئي اننگ ۾ راند ختم ٿيڻ تائين 2 وڪيٽن جي نقصان تي 51 رنسون ٺاهي چڪي هئي ۽ کيس ميچ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 226 رنسن جي ضرورت آهي. جڏهن ته پاڪستان کي 8 وڪيٽون گهربل آهن. ڏکڻ آفريقا طرفان ڪپتان ايڊن مرڪر م3 رنسن تي ۽ ويان مولڊر بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيا، جڏهنته ريان رِڪلٽن 29 ۽ زورزي 16 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهن.ڏکڻ آفريڪا جي ٻئي اننگ جو ٻئي وڪيٽون سنڌ جي کپري ڄائي نعمان ورتيون، هن پهرين اننگ ۾ به 6 وڪيٽون ورتيون هيون.
پاڪستان جي ٻئي اننگز
ڏکڻ آفريقا خلاف راند جي ٽئين ڏينهن پاڪستان جي ٻي اننگز 167 رنسن تي سمٽجي وئي. پاڪستان جي طرفان پهرين اننگز ۾ 93 رنسون ٺاهيندڙ اوپنر امام الحق هن ڀيري جلد ئي آئوٽ ٿي ويا. هو سيموئن هارمر جي بال تي اڳتي نڪري کيڏڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيو ۽ بولڊ ٿي ويو، جڏهنته پهرين اننگز ۾ 76 رنسون ٺاهيندڙ ڪپتان شان مسعود به صرف 7 رنسون ٺاهي سگهيو. پاڪستان جي ٽين وڪيٽ 64 جي مجموعي اسڪور تي ڪري پئي، جڏهن عبدالله شفيق 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ۽ 119 جي مجموعي تي بابراعظم به 42 رنسن تي پويلين موٽي ويو. ڪريز تي موجود سعود شڪيل به گهڻي دير نه بيهي سگهيو ۽ 150 جي مجموعي تي 38 رنسن تي بائونڊري لائين تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، جنهن کان پوءِ وڪيٽون لڳاتار ڪرڻ شروع ٿي ويون. محمد رضوان 14 رنسن تي بولڊ ٿيو، ۽ پوءِ ايندڙ شاهين آفريدي به بنا رن ٺاهڻ جي 151 جي مجموعي تي آئوٽ ٿي ويا. بعد ۾ آغا سلمان 4، نعمان علي 11، ۽ ساجد خان هڪ رن ٺاهي سگهيا، ۽ پاڪستان جي پوري ٽيم 167 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.










