واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هن مهيني ملائيشيا ۾ ٿيندڙ آسيان سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو امڪان آهي. آسيان سربراهي اجلاس 26 کان 28 آڪٽوبر تائين منعقد ٿيندو، آمريڪي نيوز ايجنسي پوليٽيڪو موجب، وائيٽ هائوس ملائيشيا کان مطالبو ڪيو آهي ته صدر ٽرمپ کي آسيان سربراهي اجلاس ۾ ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ امن معاهدي جي تقريب جي صدارت ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.ميڊيا رپورٽن موجب، وائيٽ هائوس اهو به چيو آهي ته چيني عملدارن کي تقريب کان پري رکيو وڃي. نيوز ايجنسي موجب، وائيٽ هائوس ملائيشيا جي عملدارن کي ٻڌايو آهي ته صدر ٽرمپ کي امن معاهدي جو سمورو ڪريڊٽ ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ امن ڳالهيون ٽرمپ جي ثالثي ۾ ٿيون هيون، ۽ ان ۾ چين جو ڪو به ڪردار نه هو.










