عوام کي رليف ۽ صوبي جي ترقي پهرين ترجيح آهي، شاه

عوام کي رليف ۽ صوبي جي ترقي پهرين ترجيح آهي، شاه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ سيد ناصر حسين شاه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن مطابق صوبي جي ترقي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي۔ اهڙن خيال جو اظھار هن اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پنهنجي آفيس ۾ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو سان ملاقات دوران ڪيو۔ ملاقات ۾ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا۔ ميئر حيدرآباد وزير بلديات کي حيدرآباد ۾ بلدياتي معاملن سان لاڳاپيل مسئلن بابت آگاهه ڪيو۔ هن ٻڌايو ته ڪيترائي يو سي چيئرمين عوامي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن ۾ سست رفتاري ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، جنهن سبب نه رڳو عوام کي رليف ڏيڻ ۾ پر ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرڻ ۾ به رڪاوٽون اچي رهيون آهن۔ وزير بلديات سيد ناصر حسين شاه چيو ته جيئن اسين عوامي نمائندا آهيون ۽ عوام لاءِ اميد جي ڪرڻ آهيون، تنهن ڪري عوامي مسئلن جو حل اسان جي پهرين ترجيح آهي۔ صوبي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائي ۽ عوام جي تڪليفن کي ختم ڪري، اسين پنهنجي صوبي، عوام ۽ خاص طور تي پنهنجي ووٽرن جي ڀرپور خدمت ڪري سگهون ٿا۔ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي عمل ڪندي، اسين عوام جي بغير فرق خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ چيئرمين جي ويزن کي مڪمل ڪري سگهون ٿا۔ وزير بلديات چيو ته جيڪي چونڊيل نمائندا خاص طور تي يو سي چيئرمين پنهنجو ڪم نه ڪندا، تن خلاف سخت قدم کنيا ويندا۔ تنهن ڪري سڀ بلدياتي عملدار ۽ نمائندا خلوص نيت سان عوامي مسئلا حل ڪن ۽ ترقياتي معاملن جي سخت نگراني ڪندي شفاف طريقي سان ڏنل وقت اندر اسڪيمون مڪمل ڪن۔ ناصر شاه چيو ته جيڪڏهن بلدياتي آفيسر ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ وجهن يا پنهنجو ڪم نه ڪن ته ان بابت سڌي طرح کيس آگاهه ڪيو وڃي۔ “اسان انهن يو سي چيئرمينن سان آهيون جيڪي عوام لاءِ ڪم ڪن ٿا، ۽ انهن کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو