ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جا 4گاڏا متاثر، 7 مسافر زخمي

ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جا 4گاڏا متاثر، 7 مسافر زخمي

شڪارپور (ن س) جعفر ايڪسپريس ڌماڪي جو نشانو، چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون۔ شڪارپور جي علائقي سلطان ڪوٽ ويجهو ريلوي پٽڙي تي زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ راولپنڊي کان ڪوئيٽه ويندڙ جعفر ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. پوليس موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن جعفر ايڪسپريس سلطان ڪوٽ جي ويجهو ريلوي ٽريڪ تان گذري رهي هئي۔ ڌماڪي جي شدت ايتري زياده هئي، جو ٽرين جون چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف و حراس پکڙجي ويو۔ واقعي کان پوءِ ريلن جي اچ وڃ عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي۔ ابتدائي اطلاعن مطابق حادثي ۾ چار مسافر معمولي زخمي ٿيا، جن کي ابتدائي طبي امداد لاءِ ويجهو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ، ڊي سي شڪارپور شڪیل ابڙو سميت پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني۔

پهنجو تبصرو موڪليو