ڪراچي(ويب ڊيسڪ) فلسطين جي پرڏيهي وازارت اسرائيل پاران 21 ٻيڙين ۽ درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فلسطيني سمنڊ تي اسرائيل کي ڪو به قانوني اختيار ناهي. الجزيره جي رپورٽ موجب فلسطيني اختيارن خبردار ڪيو آهي ته گرفتار ڪيل ڪارڪنن مان ڪنهن کي به نقصان پهتو ته ان جي ذميواري اسرائيل تي هوندي. فلسطيني وزارت فلوٽيلا قافلي ۾ شامل ماڻهن جي همت ۽ ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هنن اسرائيل جي نسل ڪشي خلاف ۽ غزه جو گهيراءُ ٽوڙڻ ۾ ااهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل جي پرڏيهي وزير 21 ٻيڙين جي حراست جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حراست ۾ ورتل سڀ ڪارڪن ٺيڪ ٺاڪ آهن، سڀني کي اشدود شهر آندو ويندو جتان کين ڊيپورٽ ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويندو.
برطانيا جي پرڏيهي وزارت فلوٽيلا قافلي جي گهيراءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو انساني بنيادن تي امداد غزه پهچڻ ڏي. برطانيا غزا ۾ ’ظالماڻو انساني بحران‘ ختم ڪرڻ تي به زور ڀريو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته قافلي ۾ شامل برطانوي شهرين جي خاندانن سان رابطي ۾ آهيون ۽ سندن زندگين بابت ڳڻتي آهي.
آسٽريليا قافلي جي حراست تي ڳڻتي ظاهر ڪندي، قافلي ۾ شريڪ ماڻهن ۽ اسرائيلي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته ڌريون عالمي قانون جي پوئواري ڪن.
اسپين، اسرائيل جي چارج ڊي افيئرز کي طلب ڪري قافلي ۾ شامل پنهنجي شهرين جي حفاظت يقيني بنائڻ ۽ عالمي قانون جي پوئواري ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. اسپين ۽ اٽلي پنهنجا جنگي جهاز قافلي ۾ شامل پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ موڪليا هئا.
ترڪيه، فلوٽيلا تي حملي کي اسرائيلي دهشتگردي قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. فلوٽيلا ۾ 24 ترڪي جا شهري ٻه شامل آهن، اسين اسرائيل کي خبردار ڪريون ٿا ته هنن جي جان جي حفاظت ڪئي وڃي.
برازيل، فلوٽيلا تي اسرائيلي نيوي جي ڪاهه کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته هي پرامن قافلو آهي ان خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ گهرجي. قافلي ۾ قانونساز اسمبلي جي ميمبر سميت ڪيترائي سندن شهري شامل آهن، جن جي حفاظت بابت کين ڳڻتي آهي.
پاڪستان قافلي تي اسرائيلي حملي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن جو ڏوهه اهو آهي ته هو انساني بنيادن تي امدادي سامان کڻي وڃي رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسين حراست ۾ ورتل ڪارڪنن جي حفاظت لاءِ دعاڳو آهيون.
نيلسن منڊيلا جو پوٽو، منڊلا منڊيلا جيڪو پڻ قافلي ۾ شامل آهي تنهن عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو اسرائيل تي دٻاءُ وڌائين جيئن هي امدادي قافلو غزا تائين پهچي سگهي.
فلوٽيلا کي غزا تائين پهچڻ جي اجازت ڏيڻ جي حق م دنيا جي اڪثر ملڪن جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ عاومي احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ هر ملڪ جا شهري پنهنجي حڪومتن کان مطالبو پيا ڪن ته هو اسرائيل تي سفارتي دٻاءُ وجهي قافلي جي پهچ يقيني بڻائين.










