صدر ٽرمپ پاران 20 نقاطي غزه جنگ بندي جو فارمولا پيش

صدر ٽرمپ پاران 20 نقاطي غزه جنگ بندي جو فارمولا پيش

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب نه ڏنا…..ان کان اڳ  آمريڪا جي نيوز ويب سائيٽ آڪسيو خبر بريڪ ڪئي آهي ته نيتنو ياهو وائيٽ هائوس مان فون تي قطر جي وزيراعظم سان ڳالهايو آهي ۽ سندن خودمختاري جي خلاف ورزي تي معافي گهر ي آهي. سي اين اين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم البته سوري ناهي ڪئي. اهو پهريون ڀيرو آهي ته اسرائيل ۽ قطر جي وزيراعظمن سڌي ريت فون تي ڳالهايو آهي. نيتن ياهو صدر ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪندو ۽ صدر ٽرمپ پاران فوري عذا ۾ جنگبندي بابت 21 نقطن واري معاهدي جي حمايت ڪندو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات بعد پريس ڪانفرنس به ٿيندي ۽ مانجهاندو به گڏجي ڪندا. آچر تي صدر ٽرمپ جي خصوصي نمائندي اسٽيو وٽڪوف ۽ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪشنر نيتن ساهو سان ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس صدر ٽرمپ جي جنگبندي پلان تسليم ڪرڻ بابت ڳالهايو هو. ان ملاقات ۾ ڪجهه معاملنت ي نيتن ياهو راضي نه هو پر گهڻي ڀاڱي هو پلان سان متفق ٿيو هو. غزا ۾ لڳاتار جنگبندي، اسپتالن ۽ اسڪولن جي تباهي بعد ڏڪار واري صورتحال آهي، 66 هزار کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن. اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪندڙ يورپي ملڪن به مٿس دٻاءُ وڌو آي ۽ گڏيل قومن سميت دنيا جي اڪثر ملڪن پاران انٽرنيشنل قانون جي ڀڃڪڙين جي الزامن ۽ سفارتي تعلق محدود ڪرڻ باوجود نيتن ياهو غزا م جنگبندي لاءِ تيار نه هو. گڏيل قومن ۾ خطاب وقت 100 کان وڌيڪ ملڪن جا وفد نيتن ياهو جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪري چڪا هئا ۽ اسرائيل دنيا ۾ اڪيلو ٿي رهيو هو. اهڙي صورتحال ۾ صدر ٽرمپ جنگبندي لاءِ 21 نقاطي فارمولو پيش ڪيو. حماس ان کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي پر صدر ٽرمپ قطر تي دٻاءُ وڌو آهي ته هو حماس کي راضي ڪن ۽ سمورا يرغمالي جيئرا توڙي لاش ريڊ ڪراس حوالي ڪن. آڪسيو ويب سائيٽ جي دعوا آهي ته نيتن ياهو ۽ صدر ٽرمپ معاهدي جي منظوري ڏانهن وڌي رهيا آهن.

غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ٽرمپ جا تجويز ڪيل 20 نقطا

آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ پاران ٻن حڪومتن جي عملدارن جي تصديق سان تيار ڪيل هڪ رپورٽ موجب انهن نقطن ۾ فوري جنگ بندي، موجوده جنگي محاذن تي منجمد ڪرڻ، 48 ڪلاڪن اندر سڀني 20 زنده يرغمالين جي آزادي ۽ 24 مئل يرغمالين جي باقيات جي واپسي شامل آهن، تجويز ڪيل معاهدي تحت، سڀني يرغمالين جي آزادي کان پوءِ اسرائيل عمر قيد جي سزا ڀوڳيندڙ 250 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو ۽ گڏوگڏ 7 آڪٽوبر 2023 کان پوءِ گرفتار ڪيل 1,700 غزه شهري، جن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن انهن  کي آزاد ڪندو، ان کان علاوه تجويز ڪيل معاهدي ۾ حماس جي سڀني جارحاڻي هٿيارن جي تباهي، هٿيار ڦٽا ڪندڙ حماس ويڙهاڪن لاءِ عام معافي ۽ غزه ڇڏڻ جي خواهشمند حماس ميمبرن لاءِ محفوظ رستو فراهم ڪرڻ پڻ شامل آهي، آمريڪي صدر جي 20 نقاطي ايجنڊا ۾ غزه کي انساني امداد جي فوري فراهمي، امداد جي منصفانه ورڇ، غزه مان زبردستي بي دخلي نه ڪرڻ، غزه واپس ايندڙن لاءِ واپسي جو حق، ۽ غزه جي مستقبل ۾ حماس جو ڪو به ڪردار شامل ناهي، منصوبي ۾ فلسطينين ۽ بين الاقوامي ماهرن تي مشتمل هڪ عارضي عبوري حڪومت جو قيام ۽ هڪ نئين بين الاقوامي تنظيم جي تحت ڪم ڪندڙ عبوري حڪومت ۽ غزه ۾ هڪ عارضي بين الاقوامي سيڪيورٽي فورس جي تعيناتي شامل آهي، ٽرمپ جي اقتصادي ترقي جي منصوبي ۾ غزه جي تعمير نو، مستقبل ۾ غزه جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ فلسطيني اختيارين ۾ سڌارا شامل آهن، هڪ غير واضح دائري کان علاوه، تجويز ڪيل معاهدي ۾ غزه مان اسرائيلي فوجن جي مرحليوار واپسي، اسرائيل کي غزه تي ٻيهر قبضو ڪرڻ يا الحاق ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ اسرائيل جي يقين ڏياريو ويو آهي ته اهو قطر تي وڌيڪ حملا نه ڪندو، امن منصوبي ۾ ترقياتي ۽ سياسي سڌارن جي مڪمل ٿيڻ تي فلسطيني رياست جي قيام لاءِ هڪ قابل اعتماد رستو، ۽ پرامن ۽ خوشحال گڏيل بقا لاءِ اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ ڳالهين جي عمل لاءِ پڻ دفعات شامل آهن، آمريڪي صدر چيو آهي ته سڀني مسلمان ملڪن امن منصوبي جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير پڻ منصوبي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو