هنزه(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪائونسل ۽ واپاري اتحاد ڪميٽي سوست ۾ 68 ڏينهن کان جاري ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي.سپريم ڪائونسل ۽ واپاري اتحاد ڪميٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سان هڪ معاهدو طئي ٿيو آهي جنهن ۾ گلگت بلتستان کي نان ٽيرف علائقو قرار ڏنو ويو آهي.بيان موجب گلگت بلتستان جي واپارين کان سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وصول نه ڪئي ويندي، ڪسٽم آمدني جو هڪ سيڪڙو صوبائي حڪومت سرحدي علائقي جي ترقي لاءِ خرچ ڪندي.سپريم ڪائونسل گلگت بلتستان ۽ واپاري اتحاد ڪميٽي جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سان اهو اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻن سالن کان بيٺل ڪنٽينرن تي لڳايل جرمانا وصول نه ڪيا ويندا، ۽ ڪنٽينرن ۽ سامان جي چڪاس ٻيهر ڪئي ويندي.










