نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، چين، ايران ۽ روس جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين چار ڌرئي اجلاس ۾، ڌرين افغانستان کي هڪ آزاد، متحد ۽ پرامن رياست جي حيثيت سان پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل هڪ بيان موجب، ڌرين دهشتگردي، جنگ ۽ منشيات کان پاڪ افغانستان جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان اختيارين تي پڻ زور ڏنو ويو ته اهي افغان سرزمين تي دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي کي ختم ڪن، جڏهن ته ڌرين افغانستان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتي علائقائي قدمن جي حمايت ڪئي.افغانستان سان اقتصادي لاڳاپن کي جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو ۽ افغانستان سان اقتصادي، واپاري تعاون ۽ علائقائي لاڳاپن کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو.بيان موجب، افغانستان کي هنگامي انساني امداد جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي سان لاڳاپيل سيڪيورٽي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.ان کان علاوه، افغان پناهگيرن جي واپسي کي آسان بڻائڻ ۽ افغانستان ۾ ڇوڪرين لاءِ تعليم، ڪم ۽ اقتصادي موقعن تائين رسائي فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.چيني پرڏيهي وزارت موجب، ملاقات ڪالهه روس جي دعوت تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، جنهن ۾ چئني ڌرين افغانستان جي صورتحال تي بحث ڪيو.چيني پرڏيهي وزارت موجب، ملاقات جو گڏيل بيان افغان رياست جي استحڪام ۽ عالمي امن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي.










