ڊار جي بحريني ھم منصب  سان ملاقات، لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق

ڊار جي بحريني ھم منصب سان ملاقات، لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق

نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي سائيڊ لائنز تي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفه لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، ڌرين اقتصادي تعاون، علاقائي رابطه، امن جي لاءِ گڏيل ارادن سان گڏ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.انهي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن غزه جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي سان گڏ انساني امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو