اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻندي جديد هائر اسپيڪٽرل سيٽلائٽ کي خلا ۾ اماڻڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.قومي خلائي اداري سپارڪو جي قيادت ۾ تيار ڪيل اها سيٽلائيٽ آڪٽوبر 2025 ۾ خلا ۾ روانو ڪيو ويندو، جنهن سان ملڪ جي سائنس، ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار وڌيڪ تيز ٿي ويندي.انهي جديد هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ جو مقصد معدني وسيلن جي ڳولا، زرعي ترقي، ٻوڏ جي نگراني، گليشيئرز جي پگهرجڻ ۽ فضائي آلودگي جي مطالعي ۾ سهوليت فراهم ڪرڻ آهي.سپارڪو جي چيئرمين محمد يوسف خان هڪ ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب ۾ چيو اهو سيٽلائيٽ معدنيات، ٻوٽن، مٽيءَ ۽ پاڻي جي معيار جا صحيح ۽ جديد انگ اکر فراهم ڪندو جنهن جي مدد سان ڪيترن سالن جي سروي هاڻ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ڪري سگهبي.چيئرمين سپارڪو وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو اهو قدم قدرتي وسيلن جي موثر ۽ پائيدار استعمال جو رستو سڌو ڪندو، اها ٽيڪنالاجي پاليسي تيار ڪندڙن ۽ محققن کي وقت تي شاهدين تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، جيڪا ملڪ جي معاشي ۽ ماحولياتي ترقي جي لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.










