ڪنڌڪوٽ، تيز رفتار ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ، تيز رفتار ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ: (ن س) ڪنڌڪوٽ ۾ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملهير انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر رڪشا ريڙهي کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ريڙهي ۾ سوار ٻن عورتن ۽ هڪ معصوم ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي لاشن کي ريسڪيو وسيلي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو ويو. جتي فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ ماروي، خانزادي، معصوم ٻار وڪيل بنگوار ۽ هڪ مرد شامل آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته رڪشا ريڙهو ڳوٺ گمبلو وڃي رهيو هو ته رستي ۾ حادثو پيش آيو. ڏکوئيندڙ واقعي جو ٻڌي شهر جا ڪيترائي ماڻهو وڏي انگ ۾ اسپتال پهتا. ٻئي پاسي فوت ٿي ويلن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو