ٽرمپ جي  اسلامي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات،غزهه بابت تجويزون پيش

ٽرمپ جي اسلامي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات،غزهه بابت تجويزون پيش

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اسلامي رياست جي اڳواڻن سان ملاقات ختم ٿي وئي آهي. ملاقات کان پوءِ، اڳواڻ ڳالهيون ڪرڻ کان سواءِ هليا ويا.پاڪستان، ترڪي، قطر، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، مصر، اردن ۽ انڊونيشيا جي اڳواڻن آمريڪي صدر سان ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. مسلمان ملڪن جي اڳواڻن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ تجويزون پيش ڪيون.ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غزه جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ غزه مان سڀني يرغمالين جي واپسي چاهي ٿو.هن چيو ته غزه تي ملاقات جي ڪامياب ٿيڻ جي اميد آهي، روس کي به جنگ بند ڪرڻ گهرجي.ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اسلامي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات اعزاز جي ڳالهه آهي، توهان سڀني هڪ بهترين ڪم ڪيو، جيڪو ساراهه جوڳو آهي.ٻئي طرف، ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان آمريڪي صدر ۽ مسلمان ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات کي تمام مفيد قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو