سکر (ن س )سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، اتي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي پر وهڪري ۾ واڌ 360,000 ڪيوسڪ تائين پهچي وئي آهي. فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب گڊو ۽ سکر بئراج تي وهڪري ۾ گهٽتائي جاري آهي، اتي گهٽ سطح جون ٻوڏ آهي،گڊو بئراج تي وهڪرو 268,000 ۽ سکر ۾ 310,000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا تي اڃا تائين وچولي درجي جون ٻوڏون آهن، جڏهن ته هيڊ اسلام ۽ هيڊ سليمانڪي تي گهٽ سطح جون ٻوڏون آهن.










