ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪ-ڀارت لاڳاپا قائم نٿا ٿي سگهن

ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪ-ڀارت لاڳاپا قائم نٿا ٿي سگهن

لنڊن(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 4 جنگيون ٿيون، اربين ڊالر خرچ ٿيا، جنگين تي خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر عوام جي ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ٿيڻ گهرجن.لنڊن ۾ اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن، اسان کي گڏجي رهڻو آهي.هن چيو ته هو ڀارت سان برابري جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪ-ڀارت لاڳاپا قائم نٿا ٿي سگهن. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگين تي خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر عوام جي ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته ڪشميرين جو رت ضايع نه ٿيڻ ڏنو ويندو.ان کان علاوه وزيراعظم اوورسيز پاڪستانين کي خراج تحسين پيش ڪندي نظم پڻ پڙهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو