يورپ جي هوائي اڏن تي سائبر حملا، فلائيٽ شيڊول متاثر

يورپ جي هوائي اڏن تي سائبر حملا، فلائيٽ شيڊول متاثر

لنڊن(ويب ڊيسڪ)لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ سميت يورپ جي ڪيترن ئي هوائي اڏا سائبر حملن سبب متاثر ٿيا آهن. انهن هوائي اڏن تي مسافرن جي اليڪٽرانڪ چيڪ ان ۽ بيگيج ڊليوري جون سروسز متاثر ٿيون آهن. هيٿرو هوائي اڏي جي انتظاميا مسافرن لاءِ جاري ڪيل ايڊوائيزري ۾ کين صلاح ڏني آهي ته هو ڊوميسٽڪ فلائيٽ لاءِ 2 ڪلاڪ ۽ انٽرنيشنل فلائيٽ لاءِ ڪلاڪ اڳ ايئرپورٽ پهچن ۽ گهر کان ايئرپورٽ روانگي کان اڳ فلائيٽ اسٽيٽس چيڪ ڪن. هيٿرو ايئرپورٽ تي مينوئل چيڪ ان لاءِ اسٽاف به وڌايو ويو آهي.ڪولنز ايرو اسپيس پاران ڪيترن ئي ايرلائينن کي فراهم ڪيل سافٽويئر سائبر حملن سبب متاثر ٿيو آهي. برسلز هوائي اڏي مطابق جمعي جي رات رات سائبر حملي سبب مسافرن کي مينوئل چيڪ ان ڪرايو ويو. جڏهن ته برلن جي برينڊن برگ هوائي اڏي تي به مسئلي جي ڪري ڊگهي انتظار جي خبر ڏني آهي. آر ٽي ايڪس، جيڪا ڪولنز ايروسپيس جي مالڪ ڪمپني آهي، تنهن چيو آهي ته کيس “پنهنجي نظام ۾ سائبر سان لاڳاپيل خرابي جي ڄاڻ آهي ۽ سندن عملو مسئلو حل ڪرڻ م رڌل آهي.” برسلز هوائي اڏي جي انتظاميا چيو آهي ته سائبر حملن جي ڪري فلائيٽ شيڊيول متاثر ٿيو آهي ۽ ڪيتريون اڏامون رد ڪيون ويون آهن. يورپ جي گڏيل هوائي سلامتي واري تنظيم، يوروڪنٽرول، چيو آهي ته ايرلائين آپريٽرن کي هوائي اڏي تان اڌ فلائيٽس 8 ڪلاڪن لاءِ ڪينسل ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو