دوداپور: (ن س) دوداپور ڀرسان محمد پور ٿاڻي جي حد سناني جکراڻي ۾ سيواڻي سناني پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي 2 سڳا ڀائر قتل ٿي ويا ڳوٺ شادي خان سناني جکراڻي ۾ سيواڻي سناني پراڻو تڪرار هڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جنهن دوران هٿياربندن هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر موقعي تي مارجي ويا، هٿياربندن فائرنگ ڪري شرف الدين سناني جکراڻي ۽ ذاڪر علي سناني جکراڻي ولد خيرالدين سناني جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻن مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪري پوسٽ مارٽم لاء تعلقہ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته گهر وارن ۾ ڪُھرام متل آهي. ياد رهي هي واقعو پيار جي پرڻي تان سهراب سناني ۽ نظام دين سيواڻي ڌُرين ۾ تڪرار تان شروع ٿيو هو.










