روشن الدين جوڻيجو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

روشن الدين جوڻيجو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊوآدم: (ن س) ٽنڊوآدم جوڻيجا خاندان جو پڳدار پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي روشن دين جوڻيجو 74 ورھين جي ڄمار ۾ مختصر علالت بعد دل جو دورو پوڻ سبب اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ٽنڊوآدم سميت آسپاس ۾ ڏک جي لهر رپوٽ موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ، قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ اڳوڻو ضلعي ناظم سانگهڙ روشن دين جوڻيجو 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو مرحوم روشن جوڻيجو، ڪلاسيڪل وڏيري اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ سينيٽر مرحوم شاھه نواز جوڻيجو جو وڏو فرزند، موجوده ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو جو والد ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو جو ڀاءُ هو. سندس تعلق سانگهڙ ضلعي جي تعلقي ٽنڊوآدم جي ڳوٺ سنجر جوڻيجو سان هو.هن 1 جنوري 1951 تي جنم ورتو. روشن جوڻيجو سال 2002 ضلعي چيئرمين سانگھڙ رھيو. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي-236 (سانگهڙ-II، اڳوڻو سانگهڙ-III) تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان 2008 – 2013 ۽ 2018 وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. . آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪميٽي سانگھڙ جو چيئرمين رھيو ان کان علاوه قومي اسيمبلي م مختلف ڪميٽين جو چيئرمين ۽ ميمبر پڻ رهيو مرحوم عوامي خدمت، ضلعي جي ترقياتي منصوبن ۽ فلاحي ڪمن لاءِ سڃاتو ويندو هو. ضلعي ناظم جي حيثيت سان به سندس خدمتون نمايان رهيون. پنهنجي تڪ ۾ هو نه رڳو پارٽي جو مضبوط اڳواڻ هو پر عوامي سطح تي به وڏو اثر رسوخ رکندو هو.روشن جوڻيجي جي لاڏاڻي تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. سياسي ۽ سماجي شخصيتن سوڌو قومي ۽ صوبائي اڳواڻن سندس وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي، سندس خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي سندس مڙھ کي اسلام آباد مان ڳوٺ سنجر جوڻيجو آندو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو