ملڪ رياض ۽ علي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع

ملڪ رياض ۽ علي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي عدالت بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض ۽ ان جي پٽ علي رياض جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي شروع ڪندي انهن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي باقاعده ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. بحريه ٽائون خلاف مني لانڊرنگ اسڪينڊل(ڪيس نمبر 25/58 ۽ 25/59 ايف آءِ اي سي بي سي) جي ٻڌڻي ٿي. انهي موقعي تي عدالت ٻن لفظن ۾ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ٻئي جوابدار 13 آڪٽوبر 2025 تي عدالت جي آڏو پيش نه ٿيا ته قانون موجب انهن کي اشتهاري قرار ڏنو ويندو ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي اڳيان وڌائي ويندي.ٻڌڻي دوران ڪيس نمبر 25/58 ۾ جوابدارن عطالحسن ۽ سجاد حيدر عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ نقل ورهايون ويون جڏهن ته ڪيس نمبر 25/59 ۾ جوابدارن عطالاحسن ۽ محمد عمران عدالت ۾ موجود رهيا جن کي نقل فراهم ڪئي وئي.پر هڪ اهم جوابدار خليل الرحمان ٻنهي ڪيسز ۾ عدالت جي آڏو پيش نه ٿيو سندس جي وڪيل بيماري جو بنياد بنائي حاضري کا معافي جي درخواست داخل ڪئي. عدالت انهي موقف کي دير وارو طريقو قرار ڏنو ۽ ٻن لفظن ۾ موقف اختيار ڪندي اعلان ڪيو ته صحت جي نالي تي دير وارا طريقا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.عدالت واضح حڪم جاري ڪيو ته جوابدار خليل الرحمان کي نقل فراهم نه ڪئي ويندي جيستائين هو پاڻ عدالت ۾ پيش نه ٿئي. عدالت وڌيڪ هدايت ڏني ته ايندڙ تاريخ تي هر صورت ۾ گواهه پيش ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ قانون موجب سخت ترين ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڪيس نمبر 25/58 جي ٻڌڻي هاڻ 15 سيپٽمبر 2025 ۽ ڪيس نمبر 25/59 جي ٻڌڻي 17 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو