اسرائيل ٻيهر حملو نه ڪندو، ٽرمپ جي قطر کي خاطري

اسرائيل ٻيهر حملو نه ڪندو، ٽرمپ جي قطر کي خاطري

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير ڊوروٿي شيا چيو آهي ته صدر ٽرمپ قطري وزيراعظم کي يقين ڏياريو آهي ته اسرائيلي حملي جهڙو عمل ٻيهر نه ٿيندو. قطر ۾ حماس اڳواڻن تي اسرائيلي حملي جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي هڪ هنگامي اجلاس ۾ ڳالهائيندي آمريڪي سفير چيو ته صدر ٽرمپ قطر جي امير ۽ قطري وزيراعظم کي يقين ڏياريو آهي ته اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿيندو.ڊوروٿي شيا چيو ته صدر ٽرمپ غزه مان سڀني يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ جو خاتمو چاهي ٿو، ۽ هن کي يقين آهي ته اهو امن جو هڪ موقعو ٿي سگهي ٿو.آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا يرغمالين جي آزادي، جنگ جي خاتمي ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪم جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو