وڏي پيماني تي ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جاري آهن،شرجيل ميمڻ

وڏي پيماني تي ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جاري آهن،شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٿيل برساتن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ هنگامي صورتحال ۾ مختلف ادارن جي سهڪار سان وڏي پيماني تي ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جاري آهن. سنڌسرڪار ، پاڪ فوج، ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي، سنڌ پوليس ۽ ٻيا ادارا گڏجي ريسڪيو ۽ رليف سرگرمين ۾ رڌل آهن. سنڌ سرڪار جي وقت سر حڪمت عملي ۽ ادارن جي هم آهنگي سان شهرين کي محفوظ رکيو ويو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته تيز برساتن سبب شهر جي ھيٺاھين وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو ۽ ماڻهو مشڪلاتن ۾ اچي ويا. ضلعي انتظاميا فوري طور تي 16 ٽيمون آپريشن لاءِ روانيون ڪيون. پاڪ فوج، ريسڪيو 1122 ۽ پوليس گڏجي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون. هن ٻڌايو ته گذريل رات لٺ ڊيم جو پاڻي ايم نائين موٽروي تي اچي ويو جنهن سبب ڪيترائي گاڏيون ڦاسي ويون. اي سي ايسٽ، ايف ڊبليو او ۽ مقامي ماڻهن 17 گاڏين کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو. ريسڪيو 1122 وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍيو. مجموعي طور 172 ماڻهو ۽ 23 گاڏيون محفوظ ڪيون ويون. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن چيو ته لياري ندي جي اوور فلو سبب محمدي ڪالوني (مڇر ڪالوني) ۾ 50 کان 55 گهر پاڻي هيٺ اچي ويا. محمدي ڪالوني ۾ 230 کان 250 ماڻهن کي مقامي مسجدن، مدرسن ۽ گهرن ۾ منتقل ڪيو ويو. ڪورنگي نالي، سعدي ٽائون، صائما سوسائٽي، نشتر بستي، عيسيٰ نگري ۽ لاسي ڳوٺ سميت مختلف هنڌن تان درجنين ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو. پاڪستان نيوي به امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو ۽ ڪيترن هنڌن تان ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو. هن چيو ته متاثر ماڻهن کي مقامي سهولتن ۾ رکيو ويو آهي. ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، پي ڊي ايم اي ۽ پاڪ فوج جا انجنيئر پاڻي ڪڍڻ جي ڪم ۾ لڳل آهن. گذريل رات ٽين وڳي ملير ڪينٽ وٽ پاڻي کي ٿڌو نالي ڏانهن موڙڻ لاءِ خاص آپريشن ڪيو ويو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ پاڻ آپريشن جي نگراني ڪري رهيا آهن. چيف سيڪريٽري شاهراهه فيصل، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ايم اي جناح روڊ ۽ ٽاور جي اٽان متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ٽريفڪ پوليس ساراهه جوڳي ڪم ڪيو ۽ برسات باوجود اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جو وهڪرو جاري رکيو.هن چيو ته گذريل رات ريسڪيو 1122 ۽ پي ڊي ايم اي جون 16 ٽيمون سرگرم رهيون، جن ۾ 380 اهلڪار شامل هئا. ريسڪيو 1122 جي مدد سان سهراب ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، گڏاپ، مڇر ڪالوني، سعدي گارڊن، ڪورنگي ندي، نشتر بستي ۽ ٻين علائقن مان 400 کان وڌيڪ ماڻهن کي بحفاظت ڪڍيو ويو. سهراب ڳوٺ مان 14، لاسي ڳوٺ مان 85، گڏاپ مان 4 ۽ ڪياماڙي جي مڇر ڪالوني مان 200 ماڻهو ڪڍيا ويا. سعدي گارڊن مان 12 ماڻهو (ٻه خاندان)، ڪورنگي ندي مان 16 سالن جو ڇوڪرو ۽ 60 ورھين جي پورھيت سميت ٻه ماڻهو ريسڪيو 1122 ۽ نيوي گڏجي بچايا. نشتر بستي ۽ عيسيٰ نگري مان به 8 ماڻهو (چار ٻار، ٽي عورتون ۽ هڪ مرد) ڪڍيا ويا. شرجيل انعام ميمن چيو ته ڪراچي ۾ اڃا تائين ڪنهن وڏي جاني نقصان جو اطلاع ناهي، رڳو هڪ بدقسمت حادثي ۾ هڪ شهري فوت ٿيو. سنڌ سرڪار مڪمل طور سرگرم آهي ۽ شهرين جي بحالي ۽ متاثر علائقن جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو