سنڌ ۾ برسات دوران سمورن ادارن کي تيار رهڻ جي هدايت

سنڌ ۾ برسات دوران سمورن ادارن کي تيار رهڻ جي هدايت

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ برسات کي نظر ۾ رکندي سمورن ادارن کي تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ صدر آصف علي زرداري سمورن ادارن کي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.صدر زرداري صوبائي حڪومت، ضلعي ۽ بلدياتي ادارن کي امڪاني ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته شهري علائقن خاص طور تي هيٺاهين ۽ سامونڊي هنڌن تي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بنايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته حب ڊيم ۽ ٻين آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي سطح تي مسلسل نظر رکي وڃي انهي سان گڏ ماڻهن جي محفوظ هنڌن تي منتقلي جا انتظام مڪمل ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو