ڪراچي، 24 ڪلاڪن دوران تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي، 24 ڪلاڪن دوران تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران تيز هوائن سان گڏ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ بوندا باندی جاري آهي. ڊفينس، ڪورنگي روڊ، شارع فيصل، برنس روڊ، ايم اي جناح روڊ تي بوندا باندی ٿي.ان کان علاوه، قيوم آباد، محمود آباد، منظور ڪالوني، بلوچ ڪالوني ۽ آس پاس جي علائقن ۾ بوندا باندی جون رپورٽون مليون آهن.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.شهر قائد ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 31 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ نمي جو تناسب 92 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو