اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان کي ستلج درياءَ ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو آهي. نجي ٽي وي موجب ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستان کي ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو، جنهن کان پوءِ پاڻي وسيلن جي وزارت ٻوڏ جي الرٽ جاري ڪئي آهي.ڀارتي هاءِ ڪميشن جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ستلج درياءَ ۾ لوئر هريڪي ۽ لوئر فيروز پور ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ بابت معلومات آهي.ڀارتي هاءِ ڪميشن جي خط ۾ والاريل جمون ۾ توي ندي ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ جي به رپورٽ ڏني وئي آهي.










