پنجاب ۾ برساتن جي اڳڪٿي، ٻوڏ صورتحال جو امڪان

پنجاب ۾ برساتن جي اڳڪٿي، ٻوڏ صورتحال جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 5 سيپٽمبر تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.پي ڊي ايم اي پنجاب موجب، صوبي ۾ 5 سيپٽمبر تائين برساتون پونديون، جنهن جي ڪري ٻوڏ جي صورتحال وڌيڪ تيز ٿيڻ جو امڪان آهي.پي ڊي ايم اي موجب، چناب درياءَ جي مرالا هيڊ ورڪ تي پاڻي جي سطح 468,000 ڪيوسڪ، خانڪي هيڊ ورڪ تي 339,470 ڪيوسڪ، قادر آباد هيڊ ورڪ تي 232,450 ڪيوسڪ، جڏهن ته چنيوٽ پل تي 108,343 ڪيوسڪ آهي.ان کان علاوه، ٽرمو هيڊ ورڪ تي پاڻي جي سطح 355,744 ڪيوسڪ، راوي نديءَ جي جسر تي 71,010 ڪيوسڪ، راوي سائفن تي 54,190 ڪيوسڪ، شاهدره تي 53,630 ڪيوسڪ، بلوڪي هيڊ ورڪ تي 117,655 ڪيوسڪ ۽ ساڌنائي هيڊ ورڪ تي 193,470 ڪيوسڪ آهي.پي ڊي ايم اي موجب، ستلج درياءَ تي جي ايس والا تي پاڻي جي سطح 269,501 ڪيوسڪ، سليمانڪي هيڊ ورڪ تي 122,736 ڪيوسڪ، اسلام هيڊ ورڪ تي 95,727 ڪيوسڪ، جڏهن ته پنجند هيڊ ورڪ تي 182,107 ڪيوسڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو