لاش جي ڌپ کان وڌيڪ  بدبو احساس  مئل ڪردار مان ايندي آهي!

لاش جي ڌپ کان وڌيڪ بدبو احساس مئل ڪردار مان ايندي آهي!

دنيا ۾ زندگي ڪتن واري ملي آخرت ۾ حساب ڪتاب انسانن وارو ڏئيڻو پوندو (منٽو).
انسان جي اندر ۾ رشتن جو رت گردش ڪندو آهي پر رشتن جي رڳن ۾ انا، هيبت ۽ دولت جي حوس ڊويندي آهي (منٽو).
هڪ سڙيل بدبودار لاش مان ايتري ڌپ نه ايندي آهي جيتري احساس جي مرڻ کانپوء ڪردار مان ايندي آهي. )منٽو).
منٽو کان ڪنهن پڇيو اوهان جي ملڪ جو ڇا حال آهي ؟ چوڻ لڳو بلڪل ائين جئين جيل ۾ جمعي جي نماز ٿيندي هجي چور آذان ڏيندو هجي ، امامت قاتل ڪرائي ، نمازي سڀ فريبي غدار ۽ ٻه نمبر هجن.(منٽو)
ماني ۽ پيٽ ،عورت ۽ مرد اهي ٻئي ڏاڍا پراڻا ازلي ۽ ابدي رشتا آهن. (منٽو).
ڌيءَ ڪير به پيدا ڪرڻ نٿو چاهي پر بستر تي سڀ مرد عورت چاهيندا آهن.(منٽو).
هڪ عورت جي معاملي ۾ اسان سڀ مرد پيءُ ڀائر نه پر صرف مرد ئي هوندا آهيون (منٽو).
مرد به عجيب مخلوق آهي زال ۾ رنڊي جون ادائون ۽ رنڊي ۾ زال جهڙي وفاداري تلاش ڪئندو آهي.(منٽو).
دنيا ۾ جيڪي به لعنتون آهن بک انهن جي ماء آهي ۽ سڀ کان وڏو مسئلو مطلب تمام مسئلن جو پيءُ ان وقت پيدا ٿيو هيو جڏهن آدم بک محسوس ڪئي هئي. (منٽو)،
خالي پيٽ جو مذهب روٽي آهي (منٽو).
منهنجي پاڪستان ۽ توهان جي پاڪستان ۾ اهو فرق آهي ته منهنجي زماني ۾ ماڻهو گهرن ۾ نمازون پڙهندا هئا ۽ گهر کان ٻاهر شراپ پئيڻ ويندا هئا جئين ته اوهان جي پاڪستان ۾ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نماز پڙهڻ ويندا آهن جئين ماڻهو انهن کي نيڪ سمجهن ۽ شراب گهر ۾ پنهنجي زال ۽ ٻارن اڳيان پئيندا آهن. (منٽو).
شيطان ايترو گستاخ هيو جنهن الله سائين کي کليل انداز ۾ چئي چڏيو مان نه ڪندم سجدو ۽ مردود بڻجي ويو ۽ خدا به ايترو وڏو سيڪيولر آهي هن اختلاف راءِ تي به شيطان کي نه ماريو بلڪه انهي کي مهلت ڏني ته پنهنجي نظريي تي ماڻهن کي قائل ڪري سگهين ٿو ته ڪر.(منٽو).
جيڪڏهن طوائف جو مطلب پئسا وٺي ڪري عزت جو سودو ڪرڻ آهي ته پورو ملڪ پوء رنڊي جو ڪوٺو آهي معاف ڪجو ؛ معذرت آئون قلم کي ڪنڊوم پهرائڻ جو قائل ناهيان ( منٽو).
طوائف خانن چڪلن اندر وڃڻ تي ڪائي پابندي ناهي پر طوائفن ۽ رنڊين تي لکڻ تي پابندي آهي (منٽو).
چوندا آهن قانون غريب جو سهارو(ڇپر)،آهي اهو سراسر ڪوڙ چوندا آهن ڪوڙا آهن ، هي قانون غريب جو رکوالو نه پر ڪوٺي تي ويٺل اها رنڊي آهي اها جيڪا امير جاگيردار سرمائيدار ۽ جرنيل کي ته ميسر آهي بغير پئسي واري (غريب) طرف ڏسڻ ته پري جي ڳاله پر ابتو مٿان ٿوڪار ڪندي اٿس .(منٽو).
عورت پنهنجي ڪائنات جوڙڻ لاء ڪيتري به محنت جاکوڙ ڇو نه ڪري پر بدقسمتي سان ان عورت کي اها خبر الاهي ڇو ناهي هوندي ته ان ڪائنات جو خدا مرد آهي جيڪو ڪڏهن نه ڪڏهن ان مٿان مسلط ٿيندو (منٽو).
هر انسان هڪ الڳ سوچ رکي ٿو هر سوچ ۾ هڪ دنيا وسيل آهي انسان هر شي کي پنهنجي سوچ مطابق سمجهي ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو ۔بلڪل ائين ئي هر انسان جو پنهنجو خدا آهي جنهن کي هو سمجهي ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو ۔(منٽو)۔
خوبصورتي ۾ خلوص هجڻ ممڪن ناهي پر بدخوبصورتي هميشه پرخلوص ٿيندي آهي (منٽو).
رنڊي جو ڪوٺو ۽ پير جي مزار اهي ٻئي جڳهون آهن جتي منهنجي دل کي سڪون ملندو آهي انهن ٻنهي جاين تي فرش کان وٺي عرش تائين ڌوڪو آهي جيڪو انسان پنهنجو پاڻکي ڌوڪو ڏيڻ چاهي ان لاء هنن کانسواء ٻي ڪهڙي سٺي جاء ٿي سگهي ٿي. رنڊي جي ڪوٺي تي ماء پيءُ اولاد کان پيشو ڪرائيندا آهن ۽ مقبرن ۾ انسان پنهنجي خدا کان (منٽو).
رنڊي کان وڌيڪ ايماندار عورت آئون اڄ تائين نه ڏٺي آهي، جيڪا خالص عزت وڪڻندي آهي جنهن ۾ بي ايماني جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته نه هو الله جو قسم کائيندي آهي نه هو الله خيرالرازقين جو بورڊ ڪوٺي تي لٽڪائيندي آهي نه ئي وري ڪو ڪوٺي تي ماشالله لکرائيندي آهي نه ئي مرد اڳيان ليٽڻ تي ڪو بسم الله پڙهندي آهي، نه ئي ثواب ڪمائڻ جو ڍونگ رچائيندي آهي نه ٻارن ٻچن يا بک جو واسطو ڏيئي خيرات وٺندي آهي نه ئي ثواب دارين جو نعرو هڻي چندو گڏ ڪندي آهي مولوي جي منطق ۽ تناظر ۾ اگر ڏٺو وڃي ته عين حلال رزق ڪمائي ٿي رنڊي تنهنڪري بقول ملا جنهن تي الله مهربان ٿيندو آهي اهو ئي حلال رزق ڪمائي سگهي ٿو (منٽو).
منهنجون تحريرون اوهان کي ڪوڙيون ۽ بريون لڳنديون آهن مگر اڄ تائين مٺايون جيڪي اوهان کي پيش ڪيون وڃن ٿيون ان مان انسانيت کي ڇا فائدو ٿيو آهي ؟ نم جا پتا ڪوڙا ضرور ٿيندا آهن پر خون صاف ڪندا آهن (منٽو).
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سچ شراب خاني ۾ شراب پي ڪري ڳالهايو ويندو آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ عدالتن ۾ مقدس ڪتاب تي هٿ رکي ڳالهايو ويندو آهي. (منٽو)
(ايڊيٽر پاران نوٽ، سعادت حسن مَنٽو ننڍي کنڊ جو عظيم ۽ ڪمال لکاري هو، هن جنهن نموني سماج جي منافقين ۽ دوغلن روين جي پنهنجي افسانن، ڊرامن ۾ عڪاسي ڪئي آهي، ايترو ڪنهن به ناهي ڪئي. هن جهڙا بولڊ ليکڪ ننڍي کنڊ ۾ اوهانکي گهٽ ئي ملندا. هن جا هونئن ته هڪ درجن کان مٿي ڪتاب آهن ۽ هر ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي.هڪ ڪتاب ريڊيو لاءِ لکيل ڊرامن بابت به آهي. ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ٺنڍا گوشت، کول دو، نيا خون، منٽو ڪي افساني، ڪالي شلوار، گنجي فرشتي، سميت ٻيا شامل آهن. سندس مخالف کيس پورن رائيٽر به سڏيندا هئا. هن 11 مئي 1912 ۾ ڀارتي پنجاب جي لڌيان ضلعي جي شهر سمرالا ۾ جنم ورتو، اعليٰ تعليم علي ڳڙهه مان ورتي ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد لاهور هليو آيو. جتي 18 جنوري 1955 تي صرف 42 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن کي بعد ۾ نشان امتياز مليو پر سندس زندگيءَ ۾ سندس قدر نه ڪيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ برٽش انڊيا ۾ به مٿس ڪيس ٿيا ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد مٿس ڪيس ٿيا. منٽو جي مختلف افسانن جا مشهور جملا، جن ذريعي هن اسانجي منافق،دوغلي ۽ ڪوڙي سماج کي اگهاڙو ڪيو ۽ آئينو ڏيکاريو، انهن مان ڪجهه لازوال جملا سندس ڪنهن چاهيندڙ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا، جيڪي مٿي ڄاڻايل آهن، اهي اسين سهيڙي هن نوٽ سان روزاني سنڌيار ۾ شايع ڪريون ٿا. جيئن اڄ جي نسل جا ماڻهو هن عظيم، بهادر، بيباڪ ۽ خوددار شخص بابت ڄاڻي سگهن. اعجاز مهر)

پهنجو تبصرو موڪليو