زرتاج گل خلاف وڌيڪ ڪارروائي نه ڪريو،ڪميشن کي حڪم

زرتاج گل خلاف وڌيڪ ڪارروائي نه ڪريو،ڪميشن کي حڪم

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ زرتاج گل خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.جسٽس وقار احمد ۽ جسٽس اعجاز خان پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت فيصل آباد زرتاج گل کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ 5 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن درخواستگذار کي ٻين ميمبرن سان گڏ نااهل قرار ڏنو.جسٽس وقار احمد درخواستگذار جي وڪيل کان پڇيو ته هو لاهور هاءِ ڪورٽ ڇو نه ويو؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عمر ايوب ۽ شبلي فراز جون اهڙيون درخواستون هتي ٻڌڻي هيٺ آهن، عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي به ساڳئي ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو ويو هو.جسٽس وقار احمد چيو ته هو ٻين درخواستن سان گڏ ان کي ٻڌندو، ۽ ايندڙ ٻڌڻي ۾ هن ڪيس جي دائري اختيار تي توهان کي به ٻڌندو.عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو