شھدادپور(ن س)شھدادپور ۾ رات دير سان پراڻي نادرا وٽ ٻن نامعلوم ٻٽ ٻڌل ھٿياربند ڦورن شھري کان ون ٽو فائيو سلف اسٽارٽ گاڏي ڦري ڪري ويا, مذاحمت تي کيس ٽنگ ۾ گولي ھڻي فرار, زخمي شھري اسپتال منتقل, شھدادپور جي پراڻي نادرا وٽ شھري خادم حسين شاھ کان ٻٽ ٻڌل ٻن نامعلوم ھٿياربند ڦورن ھٿيارن جي زور تي شھري کي يرغمال بڻائي سلف اسٽارٽ ون ٽو فائيو 2025 ماڊل موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا, مذاحمت ڪرڻ تي ڦورن شھري کي ٽنگ ۾ گولي ھڻي ھوائي فائر ڪندي آساني سان فرار ٿي ويا, زخمي شھري کي علائقي واسين اسپتال منتقل ڪيو, ان موقعي ڦورن ھٿان زخمي ٿيل شھري خادم شاھ ميڊيا کي ٻڌايو ته ھالا چوڪ تي ويس پئي ته ڦورو اڳيان ڦري آيا موٽر سائيڪل ڦر ڪئي مذاحمت ڪرڻ تي کيس ٽنگ ۾ گولي ھڻي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا, ھن پوليس اختيارين کي گاڏي واپس ڪرائي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي, ٻي پاسي ايس ايڇ او شھدادپور غلام شبير دلواڻي زخمي شھري جي عيادت ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته انشا الله تمام جلد شھري کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي جوابدار سوگھا ڪيا ويندا, شھرين جو تحفظ اسان جي زميواري آهي ڏوھارين کي بخش نه ڪيو ويندو,










