واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ امن معاهدو ڪيو آهي.وائيٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ جي موجودگي ۾، آذربائيجان جي صدر ۽ آرمينيا جي وزيراعظم مڪمل جنگ بندي معاهدي تي صحيحون ڪيون.آذربائيجان ۽ آرمينيا جي اڳواڻن سفارش ڪئي آهي ته ٽرمپ کي نوبل امن انعام ڏنو وڃي.صدر ٽرمپ چيو ته ٻئي ملڪ واپار ۽ معيشت کي ترجيح ڏيندا. اهي آذربائيجان سان فوجي تعاون تي پابنديون ختم ڪري رهيا آهن.آمريڪي صدر چيو ته ٻئي ملڪ هڪ وڏي جنگ ڏانهن وڌي رهيا آهن. مون ٻنهي ملڪن کي چيو ته وڙهو نه پر واپار ڪريو. مان جنگ نه پر امن ۽ واپار چاهيان ٿو.ٽرمپ چيو ته مون پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ به بند ڪئي. مان جلد ئي روسي صدر پيوٽن سان ملندس.آمريڪي اخبار موجب صدر پيوٽن آمريڪا کي ٻڌايو ته اوڀر يوڪرين جي بدلي ۾، هو جنگ ختم ڪندو.ٽرمپ چيو ته اسان ڪجهه علائقا واپس وٺڻ، ڪجهه تبديل ڪرڻ جا طريقا ڳولي رهيا آهيون.










