لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جمشيد دستي جي نااهلي خلاف درخواست تي تحريري حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ گذريل ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪيو.تحريري حڪم موجب عدالت اين اي 175 مظفر ڳڙهه جي چونڊ شيڊول کي معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن پاران 14 جولاءِ تي جاري ڪيل اليڪشن شيڊول جي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪري ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته درخواست ۾ اهم قانوني نقطا اٿاريا ويا آهن. درخواست ۾ قانوني نقطن ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ۽ عدالتي دائره اختيار جو مسئلو شامل آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ٿي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته عدالت اٽارني جنرل کي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جمشيد دستي جي درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تي ٿيندي.










