9 مئي ڪيسن ۾ خان جي ضمانت جي درخواستن تي ڪاروائي ملتوي

9 مئي ڪيسن ۾ خان جي ضمانت جي درخواستن تي ڪاروائي ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جون ضمانت جون درخواستون 9 مئي وارن اٺ ڪيسن ۾ ٻڌڻي لاءِ 12 آگسٽ تائين بنا ڪاروائي جي ملتوي ڪري ڇڏيون، عدالت حڪومت سميت ڪنهن به ڌر کي نوٽيس به جاري نه ڪيو. ضمانت جون درخواستون اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل طرفان درخواست ڪيون ويون هيون. نومبر 2024 ۾، لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت عمران خان کي 9 مئي 2023 جي هنگامن سان لاڳاپيل ڪيسن، جن ۾ لاهور ڪور ڪمانڊر جي گهر تي حملي جو ڪيس به شامل هو، ۾ ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. پي ٽي آءِ جي قيد ۾ موجود اڳواڻ ان فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ (ايل ايڇ سي) ۾ چئلينج ڪيو، پر اها درخواست 24 جون تي رد ڪئي وئي. ان بعد، عمران خان گذريل هفتي سپريم ڪورٽ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ جو ٻن ججن تي ٻڌل بئنچ، جنهن جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان (سي جي پي) يحيى آفريدي ڪري رهيو هو ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي شامل هئا، اڄ انهن درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجه عدالت ۾ عمران خان جي طرفان پيش ٿيو، ڇو ته سندن اصلي وڪيل سلمان صفدر ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب عدالت ۾ موجود نه هو. راجه عدالت کي آگاهه ڪيو ته صفدر ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي. هن استدعا ڪئي ته معاملي ۾ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ۽ ٻڌڻي ايندڙ هفتي لاءِ مقرر ڪئي وڃي. بئنچ اهي درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي. سينيئر وڪيل سلمان صفدر جي ذريعي داخل ڪيل اپيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ تي 9 مئي تي تشدد جي سازش ۽ مدد جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي. تنهن هوندي به، اپيل موجب، ان وقت جڏهن واقعو پيش آيو، عمران خان قومي احتساب بيورو (نيب) جي تحويل ۾ هو، تنهن ڪري سندس تشدد ۾ شموليت “ناممڪن” هئي. درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اڳوڻو وزيراعظم ٻن سالن کان سياسي انتقامي ڪارروائين جو شڪار رهيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت رد ڪرڻ بابت، اپيل ۾ ڄاڻايو ويو ته عدالت ”جعلي ۽ ترتيب ڏنل ثبوتن“ تي ڀاڙيو، جن ۾ پوليس آفيسرن جا پراڻا، ناقابل اعتبار ۽ دير سان ڏنل بيان شامل هئا. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن تي ٻڌل بئنچ، جنهن ۾ جسٽس سيد شهباز علي رضوي ۽ جسٽس طارق محمود باجوا شامل هئا، پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته استغاثه وٽ ثبوت موجود هئا، جيڪي عمران خان جي 9 مئي جي تشدد ۾ مبينا ڪردار کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪو سندس گرفتاري کان پوءِ شروع ٿيو. عدالت ٻن پوليس آفيسرن ۽ ٻين گواهن جا بيان به نقل ڪيا، جن دعويٰ ڪئي ته انهن خفيه طور تي پي ٽي آءِ جي انهن گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي، جتي عمران خان مبينا طور تي ٻين اڳواڻن کي فوجي تنصيبن تي حملي لاءِ هدايتون ڏنيون، جيڪڏهن کيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ (آءِ ايڇ سي) مان گرفتار ڪيو وڃي. اهي گڏجاڻيون مبينا طور تي 4 مئي تي چڪري، راولپنڊي جي هڪ ريسٽ ايريا ۽ 7 کان 9 مئي 2023 تائين عمران خان جي زمان پارڪ واري رهائشگاهه تي ٿيون. اڳوڻي وزيراعظم جي 9 مئي 2023 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ هنگاما ڦٽي پيا، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ جاري رهيا، جن دوران فوجي تنصيبن تي به حملا ٿيا. ان کان پوءِ رياست عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ خلاف ڪاروائي شروع ڪئي، ۽ 9 مئي جي واقعن کانپوءِ سندس خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا. عمران خان انهن مان ڪجهه ڪيسن، جن ۾ سائفر ۽ عدت ڪيس شامل آهن، مان بري ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو