گورنر سنڌ جي آفيس کي تالا لڳائڻ خلاف درخواست اڪلائي وئي

گورنر سنڌ جي آفيس کي تالا لڳائڻ خلاف درخواست اڪلائي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گورنر سنڌ جي آفيس کي تالا لڳائڻ خلاف داخل درخواست اڪلائي وئي، گورنر هائوس جي پرنسپل سيڪريٽري سنڌ جي گورنر آفيس کي تالا لڳائڻ خلاف داخل درخواست تي عملدرآمد رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.رپورٽ موجب، اويس قادر شاهه کي عدالتي حڪم تي گورنر هائوس تائين سڀني سهولتن سان گڏ رسائي ڏني وئي آهي.عدالت درخواست ڏيندڙ جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويو آهي؟ وڪيل چيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويو آهي، ۽ قائم مقام گورنر کي گورنر هائوس تائين رسائي ڏني وئي آهي.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري طرفان وڪيل عابد زبيري ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو.وڪيل چيو ته مان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي طرفان پيش ٿيو آهيان، قائم مقام گورنر کي گورنر هائوس تي مڪمل اختيار نه آهن، تڏهن به قائم مقام گورنر کي اجازت ڏني وئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو ويو آهي، ۽ درخواست هاڻي غير موثر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو