شهباز شريف ۽ سندس پٽن جي بريت خلاف درخواست رد

شهباز شريف ۽ سندس پٽن جي بريت خلاف درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف، سندس پٽن حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز جي بريت خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.شهباز اڪبر شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز کي بريت ڏيڻ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.عدالت عدم تعميل جي بنياد تي شهباز اڪبر جي درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم شهباز اڪبر جي درخواست رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.هن سال جي شروعات ۾، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاهور وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز کي رمضان شوگر ملز ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو