ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هائيڪورٽ جو ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ٽن هفتن اندر وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت وفاق کي پاڻي بابت سمورا فيصلا صوبن جي گڏيل اتفاق سان ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










