عليمه جو نالو سفري پابندين جي لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم

عليمه جو نالو سفري پابندين جي لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جو نالو سفري پابندين جي فهرست مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عليما خان جو نالو سفري پابندين جي فهرست مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس خادم حسين سومرو عليما خان جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو. عدالت عليما خان جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۽ عارضي قومي سڃاڻپ لسٽ (پي اين آءِ ايل) مان ڪڍڻ جو به حڪم ڏنو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عليما خان کي پرڏيهه سفر جي اجازت لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو