ٺري ميرواهه(ن س)شھيد صحافي آي ڊي شر جي قتل ڪيس م مک قاتل منصور اعواڻ ۽ دانش ڀٽي جي ضمانت ماڊل ڪورٽ رد ڪري ڇڏي،مک قاتل منصور اعواڻ عدالت سڳوري م حاضر نه ٿيو. ڪات ڏيندڙ قاتل دانش ڀٽي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت سڳوري ٻنھي قاتلن منصور اعواڻ دانش ڀٽي جي ضمانت ماڊل ڪورٽ خيرپور جي عدالت جج عليءَ بخش ٿيٻو جي عدالت رد ڪري ڇڏي،شھيد صحافي اي ڊي شر جي قتل ڪيس جو جوابدار مک دانش ڀٽي ماڊل ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ عدالت سڳوري مان نڪرندي ايس ايچ او ٺري ميرواهه اسلم لغاريءَ کيس گرفتاري ڪري 15 مددگار سينٽر خيرپور انچارج شبير جمالي حوالي ڪيو. جوبدار ضمانت ۾ واڌ لاءِ عدالت آيو هيو، جنهن بعد پوليس عدالتي احاطي مان کيس گرفتار ڪيو ويو










