لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي اوپنرز فخر الزمان ۽ محمد نعيم اننگ شروع ڪئي، نعيم 6 رنز ٺاهي ۽ فخر 28، عبدالله شفي 34، سيم بلنگز زيرو تي آئوٽ ٿي ويا. مچل ۽ سڪندر رضا اسڪور اڳتي وڌايو. 14 اوورن ۾ لاهور 4 وڪيٽن جي نقصان تي 120 رنز ٺاهيون هيون. قذافي اسٽيڊيم ۾ اڄ پي ايس ايل جو 16 هون ميچ ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز ۾ کيڏيو پيو وڃي. شاهين آفريدي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ملتان پاران ڪپتان محمد رضوان ۽ ياسر خان اننگ اوپن ڪئي. ملتان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنز ٺاهيون. ۾حمد رضوا 76، ڪامران غلام 52 ، ياسر خان 24 ۽ عثمان خان18 رنسون ٺاهي نمايا رهيا.










