پهلگام حملي ۾ ملوث 3 شڪي جوابدارن جا خاڪا جاري

پهلگام حملي ۾ ملوث 3 شڪي جوابدارن جا خاڪا جاري

نئين دلي(ويب ڊيسڪ)پهلگام جي سياحتي مقام تي فائرنگ سبب مريص ويل سياحن جو انگ 28 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن ٿيل حملي ۾ 26 سياح ڇڏي تي مارجي ويا هئا ۽ ٻه اسپتال ۾ اڄ گذاري ويا آهن. مارجي ويل سياحن تي حملي ۾ ملوث 4 مان ٽن شڪي هٿياربندن جا خاڪا ڀارتي اختيارين اربع تي جاري ڪيا آهن. پريس ٽرسٽ آف انڊيا يعني پي ٽي آءِ موجب اختيارين حملا آورن جي سڃاڻپ آصف فوجي، سليمان شاهه ۽ ابو طلحه طور ٿي آهي، جن جا ڪوڊ نالا ترتيبوار موسى، يونس ۽ آصف هئا. اختيارين چيو آهي ته اهي خاڪا حملي ۾ بچي ويل ماڻهن جي بيانن جي بنياد تي تيار ڪيا ويا آهن.حملي بعد ڀارت جي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي “بزدلاڻو عمل” قرار ڏنو، هن چيو ته ڀارت جو دهشتگردي خلاف “زيرو برداشت واري پاليسي” آهي. هن عوام کي خاطري ڪرائي ته حڪومت هن عمل جي ذميوارن ۽ انهن جي پٺيان موجود ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ ضروري قدم کڻندي. “جوابدارن کي جلد ئي هڪ زورائتو ۽ واضح جواب ڏسڻ لاءِ ملندو، مان پوري ملڪ کي پڪ ٿو ڏيان”.
اسان کي حملي بابت ڇا ڄاڻ آهي
فائرنگ جو واقعو ڪيئن پيش آيو، ان بابت تفصيل اڃا سامهون اچي رهيا آهن، پر هتي عيني شاهدن ۽ پوليس ذريعن کان حاصل ٿيل ابتدائي معلومات پيش آهي:
• اڱاري ڏينهن، شهر پهلگام جي ويجهو هڪ مشهور سياحتي هنڌ وٽان چار هٿياربند ٻيلي مان نڪري آيا ۽ آٽوميٽڪ هٿيارن سان سياحن تي فائرنگ ڪري گهٽ ۾ گهٽ 26 ماڻهن کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو.
• پهلگام کان بيسرن جو ميدان، جتي هي قتل عام ٿيو، پيادل يا گهوڙي تي ئي پهچڻ جوڳو آهي. اٽڪل 5 ڪلوميٽر (3 ميل) جي فاصلي تي واقع آهي.
• زخمين مان ڪجهه کي ابتدائي طور گهوڙن تي کڻي طبي امداد لاءِ منتقل ڪيو ويو.
• سيڪيورٽي فورسز جي اچڻ کان اڳ سڀئي حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا. سندن ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ڀارتي حڪومت اڃا تائين ڪنهن به گروپ تي هن حملي جو الزام ناهي لڳايو.
• عيني شاهدن مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته هٿياربندن جو هدف مرد هئا. ڪجهه شاهدن چيو ته حملو ڪندڙ غير مسلم ماڻهن کي خاص طور نشانو بڻائي رهيا هئا. حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مقامي مسلم واپاري پڻ مارجي ويو.
• هڪ عورت اي ايف پي نيوز ايجنسي کي ٻڌايو: “اهي عورتن کي بخشين پيا، پر مردن تي فائرنگ جاري رکي، ڪڏهن هڪ گولي سان ته ڪڏهن برسٽ هلائي، حملو ڄڻ طوفان هو.”
• ڪيترن ئي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ ماڻهو پنهنجي جان بچائيندي ڀڄندي نظر اچن ٿا. هڪ وڊيو ۾ هڪ عورت پنهنجي سخت زخمي مڙس ڏانهن اشارو ڪندي مدد لاءِ پڪاري رهي آهي، جڏهن ته پويان ڪيترن لاشن کي ڏسي سگهجي ٿو. ٻي وڊيو ۾ مقامي ماڻهو زخمين جي مدد لاءِ ڊوڙي رهيا آهن.
• واقعي بعد ڀارتي وزيراعظم نريندا مودي سعودي عرب جو دورو مختصر ڪري واپس وطن پهتو آهي. (هي رپورٽ بي بي سي تي شايع ٿيل هئي جيڪا اسان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سندن ٿورن سان پيش ڪئي)

پهنجو تبصرو موڪليو