اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 4 گم ٿي ويل افغان ڀائرن کي 2 هفتن ۾ بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد آصف جنوري 2024 کان وفاقي راڄڌاني مان گم ٿي ويل 4 افغان ڀائرن جي بازيابي واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ڊي آءِ جي لاهور، اسلام آباد ۽ آر پي او راولپنڊي عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿي ويلن جي والده گل سيما کي روسٽرم تي گهرائي پشتو ۾ ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ ترجمو ڪري سڀني کي ٻڌايو ويو.جسٽس محمد آصف چيو ته گم ٿي ويل ڀائرن جي والده چئي رهي آهي ته آگسٽ کان هاءِ ڪورٽ جا چڪر لڳائي رهيا آهن، جيڪڏهن پٽ مري ويا آهن ته اهو به ٻڌائي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي اسلام آباد افغان عورت جي پٽن جي بازيابي لاءِ عدالت کان وڌيڪ مهلت گهري ورتو جنهن تي درخواستگذار چيو ته 8 مهينن کان ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، صرف اهي رپورٽون ملي رهيون آهن اڃان تائين ماڻهو نه مليا آهن. عدالت سوال ڪيو ته اسان آءِ جي کي گهرايو هو اهو نه آيو؟ سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته ڪيس جو وقت 11 وڳي جو هو انهي لاءِ آءِ جي اڃان ناهي پهتو، ڊي آءِ جي، آر پي او ۽ ٻيا آفيسر موجود آهن، ٻيهر رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو. جسٽس محمد آصف چيو ته اوهان کي ڪيترو ٽائيم گهرجي؟ وقت ڏيڻ جو ڪوبه فائدو ناهي، اسان کي ماڻهو گهرجن، 2 هفتن جو وقت ڏئي رهيو آهيان، اسان کي نتيجن کان آگاهه ڪريو. جنهن کان پوءِ عدالت اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس کي بازيابي جي لاءِ 2 هفتن جو وقت ڏئي ڇڏيو.










