ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي معاملي تي آءِ جي، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت ۾ 5 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهري مرتضيٰ 11 اپريل کان گلشن اقبال مان گم آهي.درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته شهري اڪرم 12 اپريل 2019 کان اسڪيم 33 مان گم آهي.عدالت آءِ جي، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 2 هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران زمان ٽائون مان گم ٿيل نواز علي ۽ علي نواز جي گهر وارا عدالت ۾ پيش نه ٿيا.عدالت محمد نقشبندي جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي به ملتوي ڪري ڇڏي.










