ماڪڙ جي تباهي فصل ۽ مال جو چارو به کائي وئي

ماڪڙ جي تباهي فصل ۽ مال جو چارو به کائي وئي

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو ) سنڌ جي اڪثر شهرن جيان ٿرپارڪر ۾ ڪلوئي سميت مختلف علائقن ۾ ڏڪاري حالتن بعد تازو وسيل برساتن بعد تيار ٿيل فصلن جي ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي ڳوٺاڻن ۽ مالدارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا جڏهن ته مسلسل چار سالن کان ٿرپارڪر ۾ برساتون نه پوڻ ڪري ڏڪاري حالتون هئڻ کان پوء پيل ڪجهه مهينا اڳ پيل برساتن بعد سرسبز بڻيل ٿر جي ماڪڙن تباهي ڪري ڇڏي آهي.

جڏهن ته ٿر ۾ ٿيندڙ فصل ڪوڙر گوار مڱ ٻاجهر ۽ ٿر ۾ قدرتي ٿيندڙ گاهه کائي ناس ڪرڻ بعد ديوين کائڻ لڳا آهن جڏهن ته ضلع انتظاميا پاران ڦوهارو ڪرڻ واريون گاڏيون به مخصوص ۽ من پسند ماڻهن جي حوالي ڪيون ويون آهن مختلف ڳوٺن ڄار جو پتڻ کاڙڪ ڪلوئي شهر بلوچ آباد لس فارم عبدالله راهو لکوائي کيتلاري پاٻوهر لسيو ڪاٺو ڀيل ست سرڙو موڏور پيلوڙو هيلاريو  جي رهواسين اعظم لنڊ وزير کوسو عبدالرزاق کوسو غلام لنڊ علي حسن پاڙهو هريش ڀيل ۽ ٻين چيو ته ضلع انتظاميا جي نااهلي سبب ماڪڙن کي مارڻ جي لاء جي لاء اڃان تائين اسپري ناهي ڪيو ويو.

چار سالن کان مسلسل برسات نه پوڻ ڪري ٿرپارڪر جو حالتون ڏکاري هيون تازو وسيل برساتن ۾ تيار ٿيل ٿر جو فصل ماڪڙن کائي تباهي آڻي ڇڏي آهي ۽ مال جي لاء قدرتي ٿيندڙ گاهه به کائي رهيا آهن ۽ هتي جا مالدار ماڻهو پڻ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ماڪڙ تيار ٿيل فصل ۽ گاهه کائڻ کانپوء ديويون ڄاريون پڻ کائي رهيا آهن ماڪڙ وڌيڪ هجڻ مان اهو اندازو آهي ته جيڪڏهن جلد ماڪڙ مار اسپري نه ڪيو ويو ته ٿرپارڪر ۾ هيل ڏڪاري حالتن مان ڪارو ڏڪار ٿي ويندو ۽ ٿر جون حالتون ماڪڙن جي ڪري خراب ٿي سگھن ٿيون ۽ ماڪڙ مارڻ جي لاء آيل گاڏيون به مخصوص جائن ۽ من پسند ماڻهن جي حوالي ڪيون ويون آهن مختلف ڳوٺن جي رهواسين لاڳاپيل کاتي جي عملدارن ۽ وس وارن کان فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻي طرف ارباب گروپ جي سابق ايم پي اي ارباب ذوالفقار علي چيو آهي ته سنڌ سرڪار بلڪل طور نااهل بڻجي چڪي آهي.

هن چيو ته هن وقت سموري سنڌ ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي پر نااهل سرڪار جي ڪن تي جون به نٿي چري هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري هنگامي .بنيادن تي سنڌ اندر ماڪڙ جي خلاف ڦوهارو ڪيو وڃي ته جيئن آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو