سکر(بيورو رپورٽ) موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن سبب ملڪ ۾ برسات جي وسڪاري ۾ 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي. جنهن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي بحران جو 100 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. آبپاشي کاتي مطابق سکر بئراج تي پاڻي جي گهٽتائي 71 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وڌيڪ نقصانن سبب ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي. سنڌ جي ٽنهين بئراجن تي مجموعي طور 65 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي. آبپاشي کاتي جي انگن اکرن مطابق گذريل سال اپريل جي پهرين هفتي ۾ سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 39 سيڪڙو هئي، جڏهن ته هن سال اها کوٽ 71 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ٽنهين بئراجن تي مجموعي طور پاڻي جي گهٽتائي 37 سيڪڙو مان وڌي 65 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي.










