ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سلور سينڊز ڪلفٽن منصوبي جي نالي تي 600 شهرين سان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ متاثرن کي رقم جي واپسي لاءِ سڌي ريت نيب سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي نيب کي 18 ڊسمبر تائين اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم سومر تي بلڊر سڪندر عبدالڪريم پاران داخل ڪيل ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ان وقت ته شهري بلڊرن جي مٺين مٺين ڳالهين ۾ اچي ويندا آهن، بلڊرز جو وس هلي ته ڪراچي جا قبرستان به وڪڻي ڇڏين، شهر جي پارڪن ۽ نالن تي پلازا ٺهي ويا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته بلڊرز عوام کي ڦرڻ بعد مٿي تي ٽوپي رکي معصوم شڪل ٺاهي ڇڏيندا آهن. ان موقعي تي جوابدار بلڊر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته متاثرن مان ٽن کي رقم واپس ڪري ڇڏي آهي جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته 1992ع ۾ جيڪا رقم ملي هئي ان جو مارڪ اپ به ڏيڻو پوندو، 30 سالن کان ماڻهو ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن. ٻڌڻي دوران منصوبي ۾ فليٽس بڪ ڪرائيندڙ شهري به وڏي انگ ۾ عدالت پهتا. درخواستگذار شهرين جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته بلڊر 1992ع ۾ منصوبي جي بڪنگ ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين فليٽس ئي ناهن ٺاهيا، ڪيترائي ماڻهو ته ان انتظار ۾ فوت به ٿي ويا آهن، 600 شهرين منصوبي ۾ فليٽن جي بڪنگ ڪرائي هئي، 580 ماڻهن ته ڪنهن فورم تي رابطو ئي ناهي ڪيو. ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جو چوڻ هو ته اسان جڏهن فليٽس جو مطالبو ڪرڻ ويندا آهيون ته بلڊر ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن. هنن چيو ته بلڊر سڪندر عبدالڪريم پئسا وٺڻ بعد ملڪ کان ٻاهر ڀڄي ويو جيڪو هاڻ واپس آيو آهي. عدالت 18 ڊسمبر تائين نيب کي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.*** سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ۽ ٻين جوابدارن پاران داخل ڪيل پڪي ضمانتن واري درخواست تي فيصلو 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي رئوف صديقي، محمد عابد، مشتاق علي، عمر بخش، سيد عمر علي، محمد نعيم ۽ سيد اياز حسين خلاف نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ خلاف غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي، نيب موجب رئوف صديقي ۽ ٻين جوابدارن 2008ع کان 2004ع تائين سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪيون.*** سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن پاران سنڌ جي ٻين شهرن مان ايندڙ ماڻهن کي ڪراچي جو ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي سنڌ حڪومت پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.ياد رهي ته ڪراچي ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرز عدالت ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.










