ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي رجسٽرار محمد يونس بلوچ ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ۽ بي ضابطگين بابت نيب هڪ وڌيڪ ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو جيڪو عدالت ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتو آهي. نيب موجب ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي رجسٽرار محمد يونس بلوچ ۽ سندس ساٿي ڪوآپريٽو کاتي جو اڳوڻو اسسٽنٽ رجسٽرار محمد عظيم، حاجي امام بخش، احسن زبير، فيصل وقار ۽ صمد وقار ۽ ٻين جوابدارن مدراس ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ 31 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي آهي، جوابدارن تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ ۽ ڪرپشن جا الزام آهن. عدالت ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو. ياد رهي ته ڪوآپريٽو سوسائٽي جو اڳوڻو اسسٽنٽ رجسٽرار يونس بلوچ ريفرنس ۾ اڳ ئي گرفتار آهي.










