مصطفيٰ ڪيس، ارمغان ۽ شيراز جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ

مصطفيٰ ڪيس، ارمغان ۽ شيراز جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان ۽ شيراز جي جسماني ريمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي،ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار جو طبي معائنو ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي، جوابدار ارمغان جي طرفان وڪيل عابد زمان پاور آف اٽارني جمع ڪرايو، جوابدار ارمغان عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته مون تي مسلسل تشدد ڪيو پيو وڃي، کاڌو نه ڏنو پيو وڃي، مان 10 ڏينهن کان واش روم نه وڃي سگهيو آهيان، مون کي پوليس رمانڊ تي نه رکيو وڃي، پوليس مون تي کلندي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اهو ممڪن ناهي، جيڪو ماڻهو 10 ڏينهن کان غسل خانو نه ويو آهي اهو بيهي به نٿو سگهي، سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، جوابدار جي وڪيل پوليس جي جسماني ريمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪئي، جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن ڇوڪري تي تشدد ڪيو آهي، انهن ڇوڪري کي ڳولي ورتو آهي، اڄ بيان رڪارڊ ڪرڻو آهي، ۽ 164 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻا آهن، ملزم جي وڪيل درخواست ڪئي ته ملزم يا شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان اڳ اسان کي اطلاع ڏنو وڃي،پوليس مقابلو 4 ڪلاڪ هليو،ماءُ ارمغان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو، سندس بيان رڪارڊ ڪيو وڃي، ارمغان جو طبي معائنو ڪرايو وڃي.جاچ آفيسر چيو ته ڇوڪري جو ڊي اين اي وٺڻ جي ضرورت آهي،سرڪاري وڪيل چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ سنسني آهي، جوابدارن کان مني لانڊرنگ ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي جاچ ٿيڻي آهي، جوابدار تمام هوشيار آهي، جاچ ۾ تعاون نه ڪري رهيو آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ملاقات جي اجازت نه ڏني وڃي، ملزم ارمغان جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن ملزم سيڪشن 164 جي تعميل کان انڪار ڪري ٿو ته کيس جيل جي حراست ۾ موڪليو ويندو، عدالت چيو ته جڏهن ملزم اعترافي بيان ڏئي ٿو ته هو جيل جي حراست ۾ هوندو آهي ۽ جنهن مئجسٽريٽ جي سامهون بيان ڏنو ويندو آهي اهو قانوني گهرجن کي به ڄاڻي ٿو، عدالت ملزم ارمغان کي عدالت جي ڪمري ۾ پنهنجي والدين ۽ وڪيلن سان ملڻ جي اجازت ڏني، سرڪاري وڪيل چيو ته ملزم کي سندس والدين سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته ان جي نتيجي ۾ جهيڙو ٿيندو،عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو شور آهي ته ان جي فوري طور تي رپورٽ ڪئي وڃي،جنهن کان پوءِ عدالت جوابدار ارمغان ۽ شيراز جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو