جنگشاهي ۾ ڪرڪيٽ فائنل لالا افضل اليون پنهنجي نالي ڪري ورتو

جنگشاهي ۾ ڪرڪيٽ فائنل لالا افضل اليون پنهنجي نالي ڪري ورتو

جنگشاهي (رپورٽر)جنگشاهي جي سماجي اڳواڻ مرحوم انجنيئر عبدالحميد شيخ جي ياد ۾ ڪرايل ٽورنامينٽ جو فائنل لالا افضل اليون پنھنجي نالي ڪري ورتو فائنل اذان شاه اليون ۽ لالا افضل اليون جي وچ ۾ کيڏيو ويو لالا افضل اليون ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ ساحر پليجو 38 ۽ سالڪ پليجو جي 29 رنسن جي مدد سان 118 رنسون ٺاھيون جواب ۾ اذان شاه اليون 7 وڪيٽن جي نقصان تي 116 رنسون جنھن ۾ اذان شاه 45 ۽ دين محمد 23 رنسون ٺاهي نمايان رهيا مين آف دي ميچ سالڪ پليجو کي ڏنو ويو آخر ۾ مھمانن ضلع ڪائونسل جي ميمبر تراب علي جوکيو جنگشاهي پريس ڪلب جي صدر پير غلام حسين شاه گسٽا اڳواڻ ظفر اقبال پليجو محمد عالم سالار جوکيو رانا محمد اقبال منير بروهي محمد شفيق جوکيو شاهنواز جوکيو ۽ عثمان جاکرو رانديگرن کي ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو