پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس ۾ درخواست کي رد ڪندي تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت درخواست کي رد ڪندي خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ڪرائڻ جو معاملو اليڪشن پاڪستان ڏانهن موڪلي ڇڏيو.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اسپيشل سيڪريٽري قانون، اليڪشن ڪميشن چونڊون نه ڪرائڻ جو ڪو به اطمينان بخش سبب نه ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن 60 ڏينهن اندر ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري.










