اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پگهاردار طبقو ٽيون نمبر وڏو ٽيڪس ادا ڪندڙ شعبو بڻجي ويو آهي. 24-2023ع دوران پگهاردار طبقي کان 368 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي رپورٽ موجب 23-2022 جي مقابلي ۾ پگهاردار طبقي 103 ارب 74 ڪروڙ وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو. هڪ سال دوران پگهاردار طبقي کان ٽيڪس وصولي ۾ 39.3 سيڪڙو اضافو ٿيو. ايف بي آر موجب ترقياتي ڪمني جي ٺيڪن ۽ بئنڪن ۾ وياج ۽ سڪيورٽيز سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ شعبا هئا. ٺيڪن مان 496 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو، جنهن ۾ 106 ارب کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. بئنڪن ۽ سڪيورٽيز جي مد ۾ 489 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو. بئنڪ، سيڪورٽيز ۾ سالياني بنيادن تي 52.8 سيڪڙو اضافو ٿيو. ايف بي آر موجب منافعي جي ورڇ تي 70 سيڪڙو واڌ سان 145 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو. بجلي جي بلن تي ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، جتي 124 ارب رپيا گڏ ٿيا. اهڙي طرح پراپرٽي جي خريداري تي 104 ارب رپيا ۽ وڪرو تي 95 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو. ٽيليفون بلن تي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 14.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو 100 بلين جي لڳ ڀڳ ٿي ويو. ايڪسپورٽ شعبي 27.2 سيڪڙو جي واڌ سان رڳو 94 بلين ٽيڪس ادا ڪيا، جڏهن ته ٽيڪس ادا ڪندڙ ٻين وڏن شعبن ۾ ٽيڪنيڪل فيس، ڪيش ڪڍڻ، ڪميشن ۽ پرچون فروش شعبا به شامل آهن.










