نوڪريون ڏيارڻ بهاني فراڊ ڪندڙ جوابدارن جي ضمانت رد

نوڪريون ڏيارڻ بهاني فراڊ ڪندڙ جوابدارن جي ضمانت رد

سکر(جيرام داس ) بي سيڪشن پوليس هٿان گرفتار تعليم کاتي جي ملازم محمد اقبال جٽ ۽ سندس هڪ پٽ زين جي سيشن ڪورٽ ضمانت واري درخواست رد ڪندي کين جيل اماڻي ڇڏيو. عدالت ٻاهران جوابدار ميڊيا کي ڏسي منهن لڪائيندي مڇرجي پيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. ان ڏس ۾ فريادي نثار احمد ٻڌايو ته پرائمري ماستراقبال جٽ ٻارن ۽ مائٽن کي نوڪريون ڏيارڻ بهاني ساڻس  62 لکن جو فراڊ ڪيو آهي پئسن جي واپسي لاءِ 5 سال  انتظار ڪيو آهي پر جوابدار سياسي ماڻهن ۽ سالي ڊي ايس پي جي ٽيڪ تي پئسن ڏيڻ کان انڪاري آهي. جوابدار جا  پٽ، ڀائر ۽ سندن ساٿي ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪين سميت مختلف حربا استعمال ڪن پيا جنهن سبب منهنجي ۽ گهر ڀاتين جي زندگين کي خطرو آهي. هن اهو به ٻڌايو ته جوابداراقبال جو ريڪارڊ آهي ته هو ڪڏهن مسلم ليگ ته ڪڏهن پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي گهر ۾ گهرائي سندن دعوتن ذريعي انهن جو خاص ماڻهو ظاهر ڪندي ڪيترن ماڻهن کي ٺڳي لٽي چڪو آهي سندس خلاف شهر جي ٿاڻن تي ڪيس به داخل هئا پر هو پنھنجو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي بچندو پيو اچي. هن اعليٰ اختيارين کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو