اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شازا فاطمه خواجا تصديق ڪئي آهي ته ايلون مسڪ جي ملڪيت واري سيٽلائيٽ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس فراهم ڪندڙ اسٽار لنڪ ڪمپني سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ۾ رجسٽرڊ ٿي وئي آهي. سومر تي جاري ڪيل سندس هي بيان ايلون مسڪ جي ان بيان جي ٻن ڏينهن بعد سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته کيس سندس ڪمپني جي پاڪستان ۾ رجسٽريشن جو انتظار آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايلون مسڪ جي ڪمپني اسٽار لنڪ جڏهن سيٽلائيٽ انٽنيت سروس پاڪستان م شروع ڪئي ته اهو انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏو انقلاب هوندو. ڇو ته سيٽلائيٽ ذريعي انٽرنيٽ سروس پهاڙي، ميداني ۽ ريگستاني علائقن ۾ هڪ ئي وقت دستياب هوندي. جنهن لاءِ نه موبائيل ٽاور جي ضرورت هوندي نه ئي آپٽيڪل فائبر لائين جي ضرورت پوندي. هڪ پاسي پاڪستان جهڙن ٿرڊ ورلڊ جي ملڪن لاءِ جتي هي ڪنهن انقلاب کان گهت نه هوندي ته اڳئي وقت حڪومت لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جو به وڏو چيلينج هوندو. ملڪ م موجود انترنيٽ سروس جو نظام حڪومت مخالف سياسي جماعتن جي احتجاج وقت معطل يا مهدود ڪري ڇڏيندي آهي پر سيٽلائيٽ سروس کي ڪنٽرول ڪرڻ ايترو آسان نه هوندو. البته استار لنڪ جي پاڪستان ۾ رجسٽر ٿين سبب حڪومتي ريگوليشن جي دائري ۾ اچي ويندي ۽ ممڪن آهي ته ڪمپني پاڪستاني حڪومت جي مشوري کي نظر انداز نه ڪري سگهندي.ٻئي پاسي پاڪستان ۾ موجود موبائيل سروس ۽ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنين لاءِ به هي وڏو ڌچڪو هوندو. اهم سوال هي آهي ته سيٽلائيٽ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس جي قيمت ڪيتري هوندي؟ ڇا عام ماڻهو جي وس ۾ هوندي يا امير طبقو ئي ان جو فائدو حاصل ڪري سگهندو؟










