پاڪ فوج جي اعليٰ عهدن تي ترقين ۽ مقررين جو اعلان

پاڪ فوج جي اعليٰ عهدن تي ترقين ۽ مقررين جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج ۾ اهم عهدن تي مقرريون ۽ تبديليون ڪيون ويون آهن جنهن تحت ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ٿيندڙ بيان مطابق 2 ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي ميجر جنرل علي عامر اعواڻ ۽ ميجر جنرل محمد سعيد کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ترقيءَ سان گڏوگڏ ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد کي صدر نيشنل ڊيفينس يونيورسٽي به مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل علي عامر اعواڻ کي آءِ جي ڪميونڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي هو اهو عهدو ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا کان پوءِ سنڀاليندو جنهن کي گذريل ڏينهن ۾ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ڪيو ويو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد

ان کان علاوهه ليفٽيننٽ جنرل نديم ذڪي منج کي ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي. ترجمان پاڪ فوج مطابق ليفٽيننٽ محمد عامر کي ايڊجوٽينٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل شاهين مظهر محمود کي ڪور ڪمانڊر منگلا ۽ ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود کي ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو ويو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو